اڪبر بگٽي

اڪبر بگٽي

اڪبر خان بگٽي

اڪبر خان بگٽي: نواب اڪبر ولد محراب خان بگٽي، 12 جولاءِ 1927ع تي کيتران (بلوچستان) ۾ ڄائو هو. اڪبر بگٽي، سر شھباز خان بگٽي جو پوٽو هو. ننڍي عمر ۾ هو ڪراچيءَ ۾ پڙهيو ۽ سندس سنڀال ڪجهه وقت علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي گهر واري ايلسا قاضيءَ ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد جي پٽ امير حيدر سان گڏ هن علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي وٽ تعليم حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن ايچيسن ڪاليج لاهور ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪئي. هو سنڌي روانيءَ سان ڳالهائيندو هو. اڪبر بگٽي مئي 1958ع جي ننڍي چونڊ ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. اها سيٽ ڊاڪٽر خانصاحب جي قتل ٿيڻ تي خالي ٿي هئي ۽ هو سرڪاري ڌر جو حامي ٿي ويو هو. وزيراعظم فيروز خان نون (ريپبليڪن) جي ڪابينا ۾ 20 سيپٽمبر 1958ع کان 7 آڪٽوبر 1958ع تائين گهرو معاملن جو وزير رهيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳڻ بعد اها ڪابينا برطرف ڪئي ويئي هئي. 1960ع ۾ کيس گرفتار ڪري فوجي عدالت سزا ڏني ۽ هو ڪنھن به چونڊيل عھدي لاءِ نااهل ٿي ويو. قانوني پيچيدگين سبب هو 1970ع وارين عام چونڊن ۾ اميدوار نه ٿي سگھيو. بھرحال هن پنھنجي ننڍي ڀاءُ اسد نواز بگٽيءَ جي چونڊ مھم هلائي جيڪو نيشنل عوامي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي بيٺو هو. بعد ۾ اسد نواز بگٽي نعپ جي حڪومت ۾ صوبائي وزير به ٿيو. اڪبر بگٽي جا نعپ جي قيادت سان خاص ڪري مير غوث بخش بزنجي سان اختلاف ٿي پيا. هن وفاقي حڪومت ۽ صدر ذوالفقار علي ڀٽي کي ”لنڊن پلان“ کان آگاه ڪيو، جنھن جي نتيجي ۾ سردار عطاءُالله جي صوبائي حڪومت 14 فيبروري 1973ع تي برطرف ڪئي ويئي. ٻئي ڏينھن وفاقي حڪومت اڪبر بگٽيءَ کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ۽ صوبي ۾ فوج مقرر ڪري ’نعپ‘ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. پھرين جنوري 1974ع تي هن گورنريءَ جي عھدي تان استعفيٰ ڏني. بلوچستان ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ اڪبر بگٽيءَ ان آپريشن جي حمايت ڪئي. 1988ع ۾ هو بلوچستان نيشنل الائينس ۾ شامل ٿيو ۽ 4 فيبروري 1989ع تي بلوچستان جو وڏو وزير مقرر ٿيو. تڏهن محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي. بگٽيءَ جي حڪومت ڪجهه معاملن تي ساڻس اختلاف ڪندي رهي. نيٺ 6 آگسٽ 1990ع تي صدر جي حڪم تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون برطرف ڪيون ويون. 1990ع وارين چونڊن لاءِ اڪبر بگٽيءَ جمهوري وطن پارٽي ٺاهي جيڪا صوبي ۾ اڪيلي اڪثريتي پارٽيءَ طور اڀري. 1993ع ۾ اڪبر بگٽي پاڪستان جي صدارت جي چونڊ ۾ بيهڻ جو اعلان ڪيو، پر بعد ۾ هٿ کڻي ويو ۽ سردار فاروق احمد لغاريءَ جي حمايت جو اعلان ڪيائين. 1997ع ۾ اڪبر بگٽي ٻيھر جمهوري وطن پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. بلوچستان جي بگٽي علائقي ۾ جڏهن هٿيار بند ويڙهه شروع ٿي ته هو 2005ع ۾ روپوش ٿي ويو ۽ 26 آگسٽ 2006ع تي ڪوهلو جي جبلن جي هڪ غار ۾ قتل ڪيو ويو. اها جاءِ ڪوئيٽا کان 150 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. اڪبر بگٽيءَ کي پھرين سيپٽمبر 2006ع تي ديره بگٽي جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. اڪبر بگٽي ٻه شاديون ڪيون. کيس سليم بگٽي، طلال بگٽي، ريحان بگٽي، جميل بگٽي ۽ جمال بگٽي پٽ ٿيا، جن مان سليم ۽ طلال بگٽي موجوده وقت ۾ سياست ۾ سرگرم آهن.


لفظ اڪبر خان بگٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.07.12  عيسوي

نواب اڪبر، 12 جولاءِ 1927ع تي کيتران ۾ ڄائو.


1989.02.04  عيسوي

اڪبر خان بگٽي، 4 فيبروري 1989ع تي بلوچستان جو وڏو وزير مقرر ٿيو.


2006.08.26  عيسوي

اڪبر بگٽي کي 26 آگسٽ 2006ع تي ڪوهلو جي جبلن جي هڪ غار ۾ قتل ڪيو ويو.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز علي خان ٽالپر
ارباب غلام رحيم
آنند هنڱوراڻي
بشير خان قريشي
بشير احمد خان لغاري
اختر علي جي قاضي
ايشور داس
اڪرام الله ڌاريجو
احمد علي مجذوب
آغا تيمور خان پٺاڻ
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون